خافي خان

خافي خان: خافي خان، مغل دور جو نامور تاريخدان ۽ محقق هو. هن تيموري خاندان جي تاريخ ’منتخب اللباب‘ ۾ قلمبند ڪئي. هن تذڪري ۾ سنڌ جي ارغون ۽ ترخانن حڪمرانن ۽ مغل اميرن جو به تفصيلي ذڪر موجود آهي. ’منتخب اللباب‘ فارسي تذڪري جو اردوءَ ترجمو ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو آهي. هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ آهي. خافي خان جو اصل نالو محمد هاشم نظام الملڪي هو ۽ کيس خافي/ خوافي خان جو لقب بادشاهه محمد شاهه ڏنو هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن جو تعلق خاف شهر جي هڪ قبيلي سان هئڻ ڪري خافي سڏبو هو. خاف، اڀرندي ايران جو هڪ ضلعو آهي. خافي خان، خواجه مير جو پٽ هو، جيڪو شاهجهان بادشاهه جي پٽ مراد بخش جو هڪ رازدار ملازم هو. هن جي ولادت جي تاريخ ۽ هنڌ معلوم نه آهن، پر اها ڳالهه يقيني آهي ته سندس پيدائش هندستان ۾ ٿي هئي. تاريخي حالتن جي اندازي سان چئي سگهجي ٿو ته سندس ولادت 1664ع ڌاري ٿي هوندي. هن اورنگزيب، بهادر شاهه ۽ محمد شاهه جي دؤرن ۾ دکن ۽ گجرات ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين سورت ۽ احمد آباد ۾ به رهيو. بهادر شاهه جي حڪومت جي ابتدا ۾ هي ڪمپانير جو گورنر هو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن آصف جاهه نظام الملڪ جي ملازمت ۾ بسر ڪيائين، انهيءَ ڪري سندس’نظام الملڪي‘ لقب به مشهور آهي. خافي خان جي وفات جي به تاريخ نه ٿي ملي، پر ڪن مورخن اندازي تي سندس وفات جو سال 1753ع ڄاڻايو آهي.


لفظ خافي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو